اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي نئين انتظاميه سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي.جوبائيڊن فارين ريليشنز ڪميٽي جو متحرڪ ۽ فعال ميمبر رهي چڪو آهي. جوبائيڊن ڏکڻ ايشيائي خطي جي حوالي سان واضح راءِ رکي ٿو. شاهه محمود قريشي نئين آمريڪي انتظاميه ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت بيان ڏيندي چيو ته اميد آهي ته آمريڪا جي نئين انتظاميه 80 لک هٿين خالي مظلوم ڪشميرين کي ڀارتي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي حوالي سان صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. اهڙي صورتحالي جي نشاندهي دنيا ڪري رهي آهي. والاريل ڪشمير جي حوالي سان جهڙي طرح يورپي ۽ برطانوي پارليامينٽ ۾ آواز اٿاري وئي. جلد آمريڪي پارليامينٽ ۾ به اهڙيون آوازون ٻڌڻ ۾ اينديون.پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ نئين آمريڪي انتظاميه جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. آمريڪي انتظاميه جو چين سان به رويو بهتر آهي.
