سري ديوي جي ٻي ڌيءَ به فلمي دنيا ۾ ايندي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور پروفيسر بوني ڪپور ۽ سري ديوي جي ڌيءَ خوشي ڪپور به جلد فلمي دنيا ۾ نظر ايندي.ڀارتي ميڊيا موجب خوشي ڪپور جي والد پروڊيوسر بوني ڪپور ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته خوشي کي اداڪاري ۾ دلچسپي آهي ۽ اوهان جلد ان باري ۾ اهم اعلان ٻڌندو.بوني ڪپور چيو ته مون وٽ کوڙ وسيلا آهن پر مان چاهيان ٿو ته خوشي ڪپور کي منهنجي بجاءِ ڪو ٻيو لانچ ڪري ڇو ته مان ان جو والد آهيان. بطور فلمساز مان ائين نٿو ڪري سگهان ۽ اهو هڪ اداڪار جي لاءِ به سٺو قدم ناهي هوندو.هن جو چوڻ هو ته مان چاهيان ٿو ته خوشي پاڻ پنهنجي وس آهر ڪم ڪري. خوشي جو لانچ ڪنهن اهڙي شخص جي ذريعي ڪيو ويندو جنهن جو مان احترام ڪريان ٿو ۽ جنهن جي باري ۾ مان پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو آهيان.ياد رهي ته 2018 ۾ سري ديوي ۽ بوني ڪپور جي ڌيءَ جهانوي ڪپور  بالي ووڊ ۾ فلم(دهڙڪ) ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ لاءِ قدم رکيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو