ڪڪڙن جو ميل، صحافين تي حملي خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز( رپورٽ منظور ملڪ)محرابپور جي صحافين منور علي منور ۽ نعمان ميمڻ ڪڪڙن جي ميل جي ڪوريج دوران با اثر ماڻھن پاران حملي ڪرڻ خلاف احتجاج نوشھرو فيروز الله واري چوڪ کان سنڌ يونين آف جنرلسٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ايم ظفر ٽڳر قاضي اياز عالم ۔اطھر جوکيو ۔اقبال گاڏھي ۔  ماجد علي ميمڻ افضل منگي شير علي مشوري ۔فيصل ڀٽ ۔ماجد علي تڳر ۔مختيار تڳر ۔ذوالفقارعلي اسحاق ۔ ۽ ٻين چيوته حق سچ لکڻ جي ڪري صحافين کي يرغمال ڪري صحافين مٿان حملا معمول بڻجي ويا آھن تازو ٽوٽا ڳوٺ ۾ ڪڪڙن جي ميل ۽ جوا جي ڪوريج ڪرڻ لاء  صحافي پھتا ته ڪڪڙن جي ميل ڪرائيندڙ با اثر ماڻھن جي گھنڊن صحافين کي ير غمال بڻائي مٿان تشدد ڪرڻ ۽بي جا 3 ڪلاڪ بند ڪري موبائلون کسي حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اسان انتظاميه کان گھر ٿا ڪريون ته حملي ڪندڙ کي فورن گرفتار ڪري مٿن ايف آء آر درج ڪئي وڃي وڃي ور احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو