پوليس ڪارروائي سنگين ڏوهن ۽ ڀتا مافيا مک جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽ شهزادو مستوئي ) ضلعي اولهه ٿاڻي جي شهيد عزيز ڀٽي پوليس جي نيپا چورنگي ڀرسان ڪارروائي سنگين ڏوهن ۽ ڀتا مافيا مک جوابدار گرفتار ڪيو ‘ جوابدار يونيورسٽي روڊ ڀرسان هڪ بلڊر ڀتي ٽاور لڳ اٽي چڪي ۽ هوٽل تي فائرنگ ۾ ملوث آهي جوابدار جو تعلق احمد علي مگسي گروپ سان آهي، پوليس تفصيل موجب ڪراچي جي اولهه ضلعي جي ٿاڻي شهيد عزيز ڀٽي جي حد نيپا چورنگي ڀرسان ڪارروائي ڪندي ڀتي خوري فائرنگ سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي ديوي’ ڪئي گرفتار جوابدار تعلق احمد علي مگسي گروپ سان آهي جڏهن ته جوابدار جا ٻه ساٿي پهرين گرفتار ٿي جيل ڪاٽي رهيا آهن جوابدار جي سڃاڻپ ايوب طور ٿي آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار ٽاور ڀرسان اٽي چڪي ۽ هوٽل تي فائرنگ ڪرڻ ۾ ملوث آهي جوابدار هڪ بلڊر کي ڀتي جي چٺي پسٽل جون گوليون اماڻي هيون ايس ايس پي اولهه چيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو