سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ڊي ايم جو مقصد حڪومت ڪيرائڻ نه، جمهوريت جي بحالي آهي.گڏيل پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رهندي. گرفتارين جو احتساب سان ڪوبه تعلق ناهي. خواجه آصف کي لاڏلي جي فرمائش تي گرفتار ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي(ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو ته خواجه آصف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيا آهيون، آمريت جي نالي تي جمهوريت کي داغدار ڪيو ويو، اسان مٿان ڪوڙاڪيس ٺاهيا ويا جنهن کي رد نٿو ڪري سگهجي. خواجه آصف تمام جلد آزاد ٿي ويندو. هي گرفتاريون اسان کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيون آهن.پهريان نيب جي ذريعي هاڻ اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي کي لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جو مقصد حڪومت ڪيرائڻ نه پر جمهوريت بحال ڪرڻ آهي. ملڪ کي 73 جي آئين موجب هلائڻو آهي. هن وزيراعظم عمران خان طرف اشارو ڪندي چيو ته هي پهريون حڪمران ۽ سندس پيروڪار آهن جيڪي ٽي وي تي گاريون ڏيندا آهن. ان موقعي تي ليگي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون سخت احتجاج ڪيو ويندو. اين آر او جا طعنا اسان کي ڏنا پيا وڃن.هي پاڻ مافيا جي ذريعي اقتدار ۾ آيا آهن. خواجه آصف وٽ سموريون رسيدون موجود آهن. 6 سالن کان پوءِ هنن کي ياد آيو آهي هي انهن جو ايجنٽ آهي. فيصل واوڊا جي ڪيس ۾ ڇهه مهينا گذري ويا آهن اڃان تائين فيصلو ناهي آيو. ايل اين جي، کنڊ اسڪينڊل سميت سمورن معاملن جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اهي ڪهڙا سبب آهن جو خواجه آصف جو ڪيس راولپنڊي منتقل ڪرڻو پيو.










