سکر (ن سنڌيار) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه وزيراعظم جي خاص معاون نديم افضل چن جي استعيفيٰ تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته نديم افضل چن غيرتمند انسان آهي جيڪو حڪومت کان ڌار ٿي ويو. حڪمران ڪهڙي منهن سان پنهنجون تعريفون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان پنهنجي دور ۾ پنهنجي منشور تي 80 سيڪڙو عمل ڪيو پر ملڪ جي عوام هن وقت مهانگائي سبب پريشان آهي.










