پاناما ۽ براڊ شيٽ مافيا جي ڪرپشن ظاهر ڪئي،شبلي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاناما پيپرز ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا جو ڪارو ناڻو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.هي حڪومت جون ڳالهيون نه پر عالمي انڪشاف آهن.  رپورٽ موجب اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن پاڪستان کي لٽيو، ماضي جي اين آر اوز سبب ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو. ڪرپٽ حڪمرانن  پنهنجا گهر ڀريا ۽ پاڪستان جي عوام کي لٽيو.هوڏانهن وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل جو چوڻ آهي ته براڊ شيٽ جو سچ  ڦرمار جي قصن ۾ نئون اضافو ڪيو آهي. درٻارين حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو.نااهل ليگ ميان مفرور کي بي قصور ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. عمران خان کيس ڪنهن به صورت ۾ اين آر او ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو