استادن پاران وڻڪاري مهم شروع

دادو( رپورٽ عزيز الله خاصخيلي )دادو استادن پاران وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي گورنمينٽ هاء اسڪول وليد شيخ دادو ۾ استادن سميت شاگردن توڙي اسڪول جي ملازمن سميت ٽي سي ايف جي اڳواڻ به وڻڪاري مھم ۾ حصو وٺي وڻ لڳايا ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر عرفان احمد شيخ ۽ مئنيجر فدا حسين پنهور ڳالهائيندي چيو ته اسين وڻ لڳائڻ جي شروعات پنهنجي اسڪول کان ڪئي آھي ۽ اسين چاهيو ٿا ته ملڪ پاڪستان وڻڪاري سان سائو هجي ۽ ھر گهٽي توڙي شھر اندر توڙي پهنجي گهرن ادارن ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳايا وڃن وڻن سان بيمارين کي مات ڏئي سگهجي ٿي ۽ تازي هوا سان آڪسيجن حاصل ٿئي ٿي جيڪا انسان لاء فائد مند پڻ آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو