واپڊا جي نجڪاري خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٺٽو (رپورٽ  جاويد لطيف ميمڻ )آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين ڊويزن ٺٽو پاران واپڊا جي نجڪاري توڙي سندن جائز مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاھرو واپڊا آفيس مڪلي کان ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تائين آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين ٺٽو جي ڊويزنل چيئرمين وحيد رند، چيئرمين سب ڊويزن ٺٽو منور علي تارو، چيئرمين سب ڊويزن سجاول شير زمان سھتو، چيئرمين ڪنسٽريڪشن سب ڊويزن ٺٽو قمرالدين ڀٽو، عبادت حسين صديقي، رحمان خان، آصف خشڪ جي اڳواڻي ۾ ڪري قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، جنھن ۾ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي واپڊا ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي يونين اڳواڻن وحيد رند، منور علي تارو ۽ ٻين چيو تہ وفاقي حڪومت ھٿ وٺي واپڊا کاتي کي نجڪاري، حوالي ڪري ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ چاھي ٿي. ھنن چيو تہ واپڊا کاتو مضبوط ادارو آھي، جيڪو پنھنجي سگھ رکي ٿو ان کي ھڪ سازش تحت نجڪاري حوالي ڪري لکين ملازمن کي دربدر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر اھا حڪمرانن جي ڀل آھي، اسان ڪڏھن بہ واپڊا اداري کي نجڪاري حوالي ٿيڻ ڪونہ ڏينداسين، چاھي اسانکي ڪيتريون بہ قربانيون ڏيڻيون ڇو نہ پون. ھنن چيو تہ واپڊا ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو بہ ٿي ناھي سگھيو ۽ نہ ئي ھن مھنگائي جي دور ۾ پگھارون ٿيون وڌايون وڃن، جيڪا ملازمن سان وڏي ناانصافي آھي. ھنن گھر ڪئي تہ واپڊا کاتي کي نجڪاري حوالي ڪرڻ وارو وفاقي حڪومت جو فيصلو واپس وٺي ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو ڪرڻ سميت کين گھربل سموريون مراعتون ڏيئي کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن مرحليوار تحريڪ جاري رھندي.

:

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو