سنٿيا رچي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪي شهري سنٿيارچي ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ پاران هڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واريوند رخواستون واپس وٺڻ جون درخواستون منظور ڪري ڇڏيون . آمريڪي شهري سنٿيارچي ۽ رحمان ملڪ هڪ ٻئي جي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جون درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايون هيون. سنٿيارچي جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجي موڪله رحمان ملڪ تي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.جڏهن ته رحمان ملڪ جي وڪيل به سنٿياڊي رچي تي ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق سنٿيارچي ۽ رحمان ملڪ جون درخواستون منظور ڪري ورتيون. ياد رهي ته پاڪستان ۾ 10 سالن کان ترسيل آمريڪي عورت سنٿيارچي ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سربراهه بينظير ڀٽو تي الزام هنيا هئا ۽ پوءِ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ تي جنسي زيادتي جڏهن ته يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم شهاب الدين مٿان به الزام هنيا هئا.پ پ جي اعليٰ قيادت طرفان سنٿيارچي جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي وئي هئي ۽ پيپلز پارٽي آمريڪي عورت جي خلاف عدالت سان به رابطو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو