پراڻي تڪرار تان جهيڙو 2 ڄڻا زخمي، 2 جوابدار گرفتار

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) جاڙا واهه لڳ پنهنجي ئي ٻنيءَ ۾ گاھ ڪندڙ سليمان پٽ حاجي غلام حسين لاشاري ۽ عزيز لاشاري کي مشتاق عالماڻي ۽ سندس ڀائرن ۽ مائيٽن غفور , شڪور عالماڻي ۽ ٻين کين گاھ ڪرڻ کان روڪيو جنهن تي سليمان لاشاري کين چيو ته آئون پنهنجي ٻنيء مان گاھ ڪري رهيو آھيان توهان ڇوٿا منع ڪريو جنهن تان ڄاڻايل ملزمن سندن مٿان ڪهاڙين جا وار ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ مٿن فائرنگ پڻ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا زخمين جي عزيزن کين بلڙي شاه ڪريم جي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو جتي کين ابتدائي طبعي امداد ڏيڻ کان پوء  نازڪ حالت ۾ ٽنڊو محمد خان جي اسپتال روانو ڪيو ويو ٻي پاسي زخمين جي عزيزن جي بيان تحت ٿاڻي بلڙي شاھ ڪريم تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو جنهن تي بلڙي شاه ڪريم پوليس ترت ڪاروائي ڪندي ٻن جوابدارن عبدالرحيم ۽ عبدالقيوم عالماڻي  کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو