ڪوهيڙي سبب هڪٻئي پويان 7 گاڏين جو ٽڪر 10 زخمي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) خيرپور ڀرسان ڪنب نوابشاهه روڊ تي هڪ ئي وقت صبح جو سوير ڪوهيڙي سبب 7 کان وڌيڪ گاڏين جو ٽڪر ٿي پيو . مهراڻ ھاءِ وي تي ڪوهيڙي سبب مختلف 7 گاڏين جو هڪ ٻئي کي پويان ٽڪر 10 ماڻھون زخمي ٿي پيا.

جن ۾ محمد عظيم ڦل , گل حسن مري , شريف مري , اقرا بيبي سميت 10 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه, گمبٽ ۽ ٺري ميرواه اسپتالن ڏانهن نيو ويو آهي ٻئي پاسي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين کي تحويل ۾ وٺي جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو