ملڪ ۾ ڪو به منظم دهشتگردي جو گروپ ناهي، ترجمان

ملڪ ۾ ڪو به منظم دهشتگردي جو گروپ ناهي، ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم طرفان راولپنڊي اچڻ جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي، تڏهن به پي ڊي ايم وارا راولپنڊي آيا ته چانهه پاڻي پيئارينداسين، ڪجهه پارٽيز طرفان فوج مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي، فوج تي تنقيد ۽ الزامن ۾ سچائي هجي ته جواب ڏيون، پاڪ فوج ڪابه مداخلت نه ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو ڪم پئي ڪري. اهڙو اظهار ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته ڀارت، پاڪستاني عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارتي منصوبن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بلوچستان آهي، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهرجن، آرمي چيف هلندڙ هفتي ڪوئيٽا جي دوري تي ويندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دشمن قوتون پاڪستان کي ورهائڻ گهرن ٿيون، پاڪستان اندر ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت موجود آهن، ڀارت ٻن ڏهاڪن کان ايل او سي تي چڙ ڏياريندڙ سرگرمين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، پاڪستان ڀارتي اشتعال انگيزي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ سميت ذميوار رياست جو مظاهرو ڪيو آهي.هن چيو ته هڪ پاسي مشرقي سرحد تي ڀارتي ڪاروايون جاري رهيون ته ٻئي پاسي مغربي سرحد تي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمون سرگرم رهيون ۽ پاڪستان کي عدم استحڪام ڪرڻ ۾ مصروف هئا. هن چيو ته پاڪ فوج سڀني کي منهن ڏنو ۽ متاثر علائقن م اقتصادي بحالي جو ڪم به ڪيو، ايران جي سرحد تي اهم اپاءَ ورتا، سيڪورٽي جي صورتحال بهتر آهي ۽ ملڪ ۾ ڪو به دهشتگردن جو منظم گروهه موجود ناهي. هن ٻڌايو ته آپريشن رد الفساد دوران 3 لک 71 هزار 173 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا، 72 هزار کان مٿي هٿيار ۽ ساڍا 4 ٽن بارود هٿ ڪيو ويو. هاڻي ملڪ ۾ ڪو به منظم گروپ ناهي، 2007 دوران قبائلي علائقن جي 37 سيڪڙو حصي تي حڪومتي رٽ هئي هاڻي سڄا علائقا خيبر پختونخواه جو حصو آهن. هن ٻڌايو ته 2013 ۾ 90 دهشتگردي جا وڏا واقعا في سال ٿيندا رهيا جن م 2020 ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ صرف 13 واقعا ٿيا. 2013 ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 414 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 2020 ۾ 98 ٿيا. هاڻي پاڪستاني سيڪورٽي انڊيڪس ۾ 103 نمبر تي آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته پويون سڄو ڏهاڪو چيلجز وارو هو ۽ خاص ڪري گذريل سال ۾ تمام گهڻا چيلنجز سامهون آيا، جن ۾ ماڪڙ ۽ ڪووڊ سبب معيشت متاثر ٿي، فوڊ سيڪورٽي به خطري ۾ پئجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو