ڪراچي(رپورٽ شهزادو مستوئي ) سڄي ملڪ جيان ملير جي مختلف علائقن ۾ مچ سانحي خلاف شيعا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جا مک قومي شاهراهن تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا گذريل 22 ڪلاڪن ملير جي سعود آباد قائد آباد سپر هاءِ وي اسٽيل ٽائون گهگهر لانڍي سميت ڪيترائي مک شاهراھ بند ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل سوين گاڏين ۾ هزارين ماڻهون رستن ۾ ڦاٿل ڌرڻن جي جڳھن انتظاميا پوليس ۽ رينجرس جا وڏا اٽالا ڌرڻا جي هنڌ موجود، پرامن شيعن ۽ هزارا برادري جو قتل ڪابه نئين ڳالهه ناهي هر دور ۾يزيديت کي هٿي وٺرائي وئي آهي شھادتن جو سلسلو ڪربلا کان هلندو پيو اچي حڪومت قاتلن جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، منظور گلگتي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مچ سانحي خلاف شيعا حيدر قرار جا مومنن پاران رستن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرا ڪري قائداباد سعود آباد اسٽيل ٽائون سپر هاءِ وي ڪورنگي لانڍي سميت مک قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏيا مک شاهراھ گذريل 22 ڪلاڪن کان بند هجڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل سوين گاڏين ۾ هزارين ماڻهون رستن تي ڦاٿل رهيا ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيعا اڳواڻ حسن الحسيني منظور گلگتي نشان حيدر ۽ ٻين چيو ته پاڪستان م شيعن جو قتل عام ڪا نئي ڳالھ ناهي هر دور حڪومت ۾ يزيديت کي هٿي ڏني ويندي آهي وزيراعظم اگر پهرين ڏينهن هزار برادري جي ڏک ۾ شريڪ ٿي هاته عوام کي ايتري تڪليفن جو منهن ڏسڻو نه پوي ها اڳواڻن چيو ته قرباني جو تسلسل شھداءُ ڪربلا کان هلندو پيو اچي حسينيت جو رستو اختيار ڪندئي قربانيون ڏيندا پيا اچو جيڪو اڄ تائين جاري آهي، جهڙي ريت هزاره برادري جي بيگناهه پورهيتن جا هٿ پير ٻڌي کين زبا ڪيو ويو تهڙي ريتن جانورن کي نه ڪٺو ويندو آهي جانور کي به زبا ڪرڻ کان اڳ پاڻي پيارو ويندو آهي پر انسانن کي جانور کان به بترين تشدد ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي اڳواڻن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه قتل ڪيل پورهيتن جي قاتلن جي گرفتاري ڪيفري ڪردار تائين پهچايو وڃي










