اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز اڄ هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئٽه وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به ڪوئٽه ويندو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندو.ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪالهه ڪوئٽه وڃڻ جو اعلان ڪيو هو واضح رهي ته مچ سانحي جي خلاف مظاهرين جو ڪوئٽه جي باءِ پاس تي ڌرڻو سخت سردي ۾ مائنس ست پد ۾ به پنجين ڏينهن به جاري آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پهچندڙ حڪومتي ٽيم جون به مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم عمران خان جي ڪوئٽه اچڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو هو ته اڳ ۾ لاش دفنايو ته پوءِ هو ايندو.. ياد رهي ته 3 ۽ 4 جنوري جي وچ واري رات مچ لڳ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ستل هئا ته کين اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو. قتل ڪيل 11 مزدورن مان 7 جو تعلق افغانستان سان آهي. قتل جي ذميواري داعش قبول ڪئي هئي.










