سوشل ميڊيا تي شهرين جي تذليل ڪندڙ گروهه گرفتار

سوشل ميڊيا تي شهرين جي تذليل ڪندڙ گروهه گرفتار

نئون ديرو(ن سنڌيار) نئون ديرو پوليس ڪاروائي ڪري ٻن نوجوانن علي رضا ڪنگو ۽ وزير احمد چهواڻ کي موبائل فونن سميت گرفتار ڪري نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جتي پڇا ڳاڇا ڪرڻ دوران گرفتار نوجوانن پوليس آڏو جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ڄاڻايل پوسٽون شيئر ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو.پوليس موجب گرفتار ٻئي نوجوان دوست آهن جن اعترافي بيان ۾ چيو آهي ته هنن مختلف نيٽ ڪيفيز ۽ موبائل فونن تي جعلي اڪائونٽن ذريعي اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون.شهر جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهر جي معززين خلاف اخلاق کان ڪريل ٻوليءَ ۾ لکيل پوسٽون شيئر ڪري شهر اندر انتشار ڦهلائي صحافين ۽ سياسي، سماجي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ڪئي وئي جنهن بعد اهڙا جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ سائيبر ڪرائيم برانچ، ايف آءِ اي ۽ پوليس کي جاڇ لاءِ ڏنا ويا هئا.ڊي ايس پي نئون ديرو جاچ ڪرڻ بعد ٻنهي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان هٿ ڪيل موبائل فونون پڻ تحويل ۾ ورتيون ويون آهن، آخري اطلاعن تائين گرفتار نوجوانن مٿان ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو