18جنوري کان مرحليوار سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا،شفقت محمود

18جنوري کان مرحليوار سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا،شفقت محمود

 اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) حڪومت 18 جنوري کان سمورا تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي وزيرن واري تعليمي ڪانفرنس  ٿي  صوبائي وزير تعليم ۽ ٻين اختيارين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ صحت واري وزارت جي اختيارين ڪورونا جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني. صحت واري وزارت جي روشني ۾ تعليمي ادارا 11 جنوري کان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نائين کان ٻارهين تائين تعليمي ادارا 18 جنوري، پهرين کان اٺين ڪلاس جا تعليمي ادارا 25 جنوري کان جڏهن ته يونيورسٽيون پهرين فيبروري کان کوليون وينديون.اجلاس ۾ مئي جي آخري هفتي ۽ جون جي شروعات وارن ڏينهن ۾ ٿيندڙ بورڊ جي امتحان بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته سياري ۽ گرمي جون موڪلون به گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نئين تعليمي سال 2020-21 آگسٽ 2021 ۾ شروع ڪرڻ جو به جائزو ورتو ۽ قومي تعليمي پاليسي جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون.ياد رهي ته تعليمي ادارا ڪورونا سبب نومبر ۾ بند ڪيا ويا هئا. ڊسمبر جي آخري هفتي کان 10 جنوري 2021 تائين تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو