ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ) عوام دشمن وزيراعظم ۽ سندس حڪومت استعيفيٰ ڏئي ته صورتحال تي اهڙو سياسي رستو ڪڍي سگهجي ٿو، جنهن ۾ قومي ڊائلاگ وارو آپشن به هجي، ڪٺ پتلي وزيراعظم ۽ نظام جي موجودگيءَ ۾ قومي ڊائلاگ وارو آپشن ممڪن نه آهي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جي مدد سان سليڪٽيڊ حڪومت ڊاهي عوامي حڪومت قائم ڪئي ويندي، سليڪٽيڊ وزيراعظم اڃا به چوي ٿو ته ٽريننگ وٺي رهيا آهيون، وٽس مسئلن جو حل نه آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، موجوده حڪومت نيشنل ايڪشن پلان کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ عوام کي دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته بلوچستان جهڙو واقعو پيش نه اچي ها، بلاول ڀٽو طرفان حڪومت کان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جو مطالبو ڪيو.










