ڪورونا سبب اولهه جي ملڪن نئين سال جون خوشيون نه ملهايون

لنڊن)ويب ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ پکڙيل عالمي وبا ڪورونا جي خوف سبب اولهه ملڪن ۾ نئين سال جون خوشيون اجهاميل رهيون. اولهه جي ملڪن ۾ جتي هر سال جي شروعات تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو هو پر هن دفعي اتي خاموشي ڇانيل رهي. لنڊن آءِ تي گذريل 21 سالن کان ٿيندڙ آتشبازي نه ٿي سگهي جڏهن ته پيرس، استنبول ۽ ايٿنز ۾ به نئين سال جي آجيان خالي روڊن ڪئي.نيويارڪ ٽائمز اسڪوائر تي 114 سالن کان جاري نئين سال جو جشن عوام کانسواءِ ملهايو ويو جڏهن ته آسٽريا ۾ به نئين سال جي موقعي تي ٿيندڙ آتشبازي روڪي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو