ڪڙيو گھنور (ڊ م) قومي عوامي تحريڪ طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي جاري ڪيل نتيجن ۾ سنڌ جي شاگردن جي ميرٽ تي ڌاڙي، لتاڙ ۽ ناانصافين خلاف ڪڙيو گھنور شھر ۾ ريلي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ذريعي سنڌ جي ذھين شاگردن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي.سنڌ جي شاگردن جا سيٽ نمبر تبديل ڪري پنجاب جي شاگردن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي. ميرٽ تي ڌاڙو ھرگز قبول نه ڪيو ويندو. حڪومت فوري طور تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جا نتيجا رد ڪري.اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي تباھي باوجود سنڌ جا شاگرد تمام ذھين ۽ اڳتي آھن، اھي ميرٽ ذريعي اڳتي وڌي رھيا آھن. پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ذريعي ون يونٽ قائم ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.اڳواڻن چيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ اڳي شفاف نموني سان شاگرد ميرٽ ذريعي پاس ٿيندا ھئا، ھاڻ ون يونٽ وانگر وفاق من پسند فيصلا مڙھي رھيو آھي، جنھن جو مقصد آھي ته ڪيئن به ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه جي شاگردن کي داخلا کان محروم ڪيو وڃي ۽ انھن کان تعليم جو حق کسيو وڃي.اڳواڻن چيو ته ھن اھم مسئلي جو اعليٰ عدالتون پاڻمرادو نوٽيس وٺن. ھنن چيو ته پي ايم سي جي آڙ ۾ شاگردن جي حق تي لڳندڙ ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي.










