پ پ سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي،مراد شاهه

پ پ سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي،مراد شاهه

لاڙڪاڻو (ن سنڌ يار)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي ميدان خالي ناهي ڇڏڻو. پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي.ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي قبرن تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجون استعيفائون بلاول ڀٽو وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. استعيفائن  بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي. هن سينيٽ چونڊن بابت سوال تي چيو ته اسان کي ميدان خالي ناهي ڇڏڻو. پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. شهيد راڻي جي ورسي جي حوالي سان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو