حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي خلاف تحريڪ شروع آهي,شبلي فراز

حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي خلاف تحريڪ شروع آهي,شبلي فراز

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي.پنهنجي ٽوئٽ ۾ شبلي فراز چيو آهي ته ذاتي مفاد کي اوليت ڏيندڙن کي خواري کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. اپوزيشن جي انتشاري سياست ۾ ملڪ ۽ عوام جو ڪوبه ڀلو ناهي.رب پاڪ اپوزيشن کي توفيق ڏئي جو انهن کي ڪرسي جي بجاءِ عوام ۽ انهن جا مسئلا نظر اچڻ شروع ٿي وڃن. وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل مفاد پرست ٽولي جي منزل هڪڙي ۽ رستا ٻيا آهن. هي هاڻ سڀني جي سامهون اڳيان اچي رهيا آهن.حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي. مولانا شيراني ۽ حافظ حسين احمد جو بيان ان جي واضح گواهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو