سکر (ن سنڌيار)سکر ضلعي جي علائقن ۾ ٿڌ ۽ سيءَ جي لھر ۾ اضافو ٿي ويو آھي جنھن ڪري مڇي جي وڪري ۾ واڌ اچي وئي آھي جڏهن ته سکرڊويزن جي ٻين شهرن اندر روهڙي سکر گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، خانپور مهر، ڏهرڪي، اوٻاوڙو سميت مختلف شهرن ۾ مڇي مناسب اگھ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ريڙھن جا اسٽال لڳي ويا آھن جتان شھري مڇي خريدڻ ۾ مصروف ھجن ٿا.هوڏانهن وري مڇي مارڪيٽ ۾ واپاري سرگرميون پڻ تيز ٿي ويون آھن، جڏهن ته مڇي سنڌو دريا توڙي تلائن، فارمن، سرڪاري ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ تيار ڪيل مڇي ھول سيل مڇي مارڪيٽ جي دڪانن تي واڪ ڏئي کپائي وڃي ٿي، واڪ ڏئي خريديل مڇي دڪاندار شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻي پيٽ گذر ڪن ٿا جڏهن ته ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مڇي مارڪيٽ مان ڪيترن ئي مختلف شھرن ڏانھن وڪري لاء وڃي ٿي.ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آھي ته مڇي جي فارمنگ ڪندڙ آبادگار سرڪاري توڙي خانگي ھيچرين تان مختلف قسمن جي مڇي جو ٻج في ليٽر ۾ 80 ھزار کان ھڪ لک تائين ٻچن جا داڻا ھجن ٿا، اھو 25 ھزار روپين کان 40 هزار تائين خريد ڪن ٿا، مڇي جي ھول سيل مارڪيٽ ھئڻ کان پوءِ به مڇي سستي اگھ تي نٿي وڪامجي جنھن جي نتيجي ۾ غريب ماڻھو سياري جي مند ۾ به مڇي جو سواد وٺڻ کان محروم رھجي وڃن ٿا، ضلعي گهوٽڪي جي مختلف شهرن جي مختلف علائقن ۾ مڇي وڪرو ڪندڙن ميراڻين ٻڌايو ته ٿڌ ۽ سيءَ ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ مڇي جي واھپي ۾ واڌ اچي وئي آھي ۽ مڇي سياري جي موسم ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ ماڻھو خريد ڪندا آھن.










