نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو )شهر جي شاهي بازار ۾ ڇتي ٻلي چار ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو ڏاڙهيلن ۾ حنيف ڪنڀر،انتظار راجپوت،ڪرشن ڪاريو ۽ ملاح شامل جنهن کي طبعي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبعي امداد فراهم ڪئي وئي ، ڇتي ٻلي سبب شھرين ۾ ڀاڄ پئجي ويئي، نيٺ شھرين ٻلي کي ڊوڙائي ڊوڙائي خواجه چوڪ ويجهو ماري وڌو، ڇتي ٻلي ماڻهن جون متيون منجھائي ڇڏيون سارو ڏينهن ٻلو ماڻهن جي حواسن تي ڇانيل رهيو.










