ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت معاهدا ٿي ويا، سنڌ جو احتجاج رد

ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت معاهدا ٿي ويا، سنڌ جو احتجاج رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاق ٻيٽن تي والار خلاف سنڌ جي احتجاج کي رد ڪندي  ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ رٿائن بابت وڌيڪ ٻن ادارن سان معاهدا ڪري ڇڏيا. ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنسي لاءِ جاچ پڙتال به آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپ آڻڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪانفرنس گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ٻنهي ٻيٽن تي شهر اڏڻ توڙي راوي منصوبي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تحت ڪم ڪيو وڃي، رٿائون مقرر وقت تي ٽارگٽ مطابق مڪمل ڪيون وڃن.  سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري منصوبي تي سنڌ حڪومت سوڌو سنڌ واسين جي مسلسل شديد احتجاج کي نظر انداز ڪندي هن ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي توڙي راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ميري ٽائيم جي وفاقي وزير علي حيدر زيدي، گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر، پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين عمران امين، نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) امير اسلم خان شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب صوبي جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، چيئرمين راوي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، وزيراعظم هائوس جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري منصوبي لاءِ ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنسي جي حوالي سان جاچ پڙتال جاري آهي، ٻيٽ منصوبي ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ ليڊ پاڪستان سان مفاهمتي معاهدي تي صحيح ٿي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻيٽن تي موجود مينگروز جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي مينگرو الائنس سان مفاهمتي معاهدي تي به صحيح ٿي چڪي آهي، وزيراعظم کي راوي اربن سٽي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته راوي اربن سٽي منصوبي لاءِ ڊزائن ۽ ڪنسٽرڪشن ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، سيڙپڪارن لاءِ پروگرام به جاري ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ پنجاب حڪومت راوي اربن سٽي منصوبي لاءِ اصولي طور تي فنڊ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي چڪي آهي، وزيراعظم عمران خان ٻنهي منصوبن کي طئي ڪيل وقت اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارو منصوبو توڙي راوي اربن سٽي منصوبو ٻئي وڏا منصوبا آهن، جن سان مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا ۽ انهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي، وزيراعظم ٻنهي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪاري ڪانفرنس گهرائڻ جي به هدايت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن جي انهن منصوبن ۾ دلچسپي جو ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪيو وڃي، ٻئي منصوبا شهري تعميرات ۽ ترقي جي حوالي سان مثالي ثابت ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو