قاضي فائز عيسيٰ پاران اضافي نظر ثاني جي درخواست داخل

اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو) جسٽس قاضي  فائز عيسٰ صدارتي ريفرنس جي فيصلي  جي خلاف اضافي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي.قاضي فائز عيسيٰ طرفان داخل ڪيل نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري عملدارن منهنجي ۽ منهنجي خاندان خلاف پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي، ايف بي آر رپورٽ مونکي  يا منهنجي زال کي فراهم ناهي ڪئي وئي  ايف بي آر رپورٽ پڻ هڪ حوالو آهي. ايف بي آر رپورٽ مون ۽ منهنجي زال کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته 19 جون 2020 جي فيصلي جي پيراگراف 2 کان 11 تي نظر ثاني ڪري ترميم ڪئي وڃي.عدليا جي آزادي ايگزيٽو جي هٿ ۾ ڏني وئي آهي اهو آئين جي خلاف آهي. هن وڌيڪ پنهنجي درخواست ۾ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ انهن درخواستن ۾ هن کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو. اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو پرائيويٽ ريفرنس ٻڌائڻ جو مقصد استعيفيٰ وٺڻ هو.سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جي تعصب واري درخواست جو ٻيو حصو نه ٻڌو. هن درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت جي ڪيترن ئي عهديدارن جون  ٻاهرين ملڪ  ملڪيتون آهن ڄاڻ ناهي ته انهن پاڪستان ۾ پنهنجي ٽيڪس گوشوارن ۾ جائيدادون ظاهر ڪيون آهن يا نه  انهن ۾ سيد ذوالفقارعباس بخاري ، شهزاد اڪبر ، يار محمد رند ، نديم بابر ۽ عاصم سليم باجوا  ، شهباز گل ، فيصل واوڊا ۽ عثمان ڊار شامل آهن. هن پنهنجي درخواست ۾ چيو ته ذوالفقارعباس عرف زلفي بخاري جي لنڊن ۾ فليٽ نمبر 3 ، 45 ويلنگٽن روڊ تي جائداد آهي. يار محمد رند جي هڪ ملڪيت اسپرنگ ريزيڊنسي ولا  انٽرنيشنل سٽي دبئي ۾ آهي نديم بابر جي هوسٽن آمريڪا ۾ هڪ گهر آهي  شهباز گل جو به آمريڪا ۾ گهر آهي .هن اهو پڻ چيو ته عاصم سليم باجوه جي زال جي آمريڪا ۾ 13 ڪمرشل ۽ 5 رهائشي ملڪيت آهن فيصل واوڊا جي 9 ملڪيتن ۾ 7ملڪيتون لندن ۾ هڪ ملائيشيا ۽  هڪ دبئي آهن . جڏهن ته عثمان ڊار برمنگھم برطانيا ۾ هڪ ملڪيت جو مالڪ آهي  شهزادي اڪبر لنڊن ۾ هڪ ملڪيت جومالڪ آهي ۽ سندس زال اسپين ۾ هڪ فليٽ جي مالڪ آهي.پنهنجي درخواست ۾ قاضي فائز عيسيٰ مطالبو ڪيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي جي فيصلي جي روشني ۾ منهنجي درخواست قابل قبول قرار ڏني وڃي  جسٽس مقبول باقر  جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي کي پڻ بينچ جو حصو بڻايو وڃي  ۽ درخواست ڪئي ته سماعت کي ٽي وي تي سڌو نشر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جسٽس عمرعطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ جسٽس فائز عيسيٰ جي اضافي نظر ثان واري درخواست جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر کان ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو