سنڌ ۾ گيس لوڊ مئنيجمينٽ سبب سي اين جي اسٽيشن بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سموري سنڌ ۾ گيس لوڊ مينجمينٽ پلان تي عمل شروع ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ سموري سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويون.سنڌ صوبي ۾ گيس لوڊ مينجمينٽ پلان تي عمل شروع ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ سمورين سي اين جي اسٽيسنز کي 24 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو آهي هلندڙ هفتي هن وقت تائين ٽيون ڀيرو سي اين جي اسٽيشنز کي سپلاءِ بند ڪئي وئي آهي. سوئي گيس جي ترجمان موجب آر ايل اين جي تي هلندڙ اسٽيشن بدستور کليل رهنديون آر ايل اين جي اسٽيشنن کي گيس بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندي. ٻئي طرف سنڌ جي رهائشي علائقن ۾ گيس جو پريشر گهٽ ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ عوام کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو