ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي) سموري سنڌ جيان شيخ ڀرڪيو ۾ به ثقافتي سرگرميون جاري آهن اجرڪن ۽ ٽوپين جي خريداري به جاري آهي ته ٻئي طرف ثقافتي تقريبن جي به ڌم لڳل آهي هر طرف ثقافتي رنگ نکڙيل آهن شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ آحمد خان عالماڻي ۾ جمال خان عالماڻي جي ميزباني هيٺ ثقافتي مچ ڪچھري ۽ صوفياڻي محفل رچائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي صوفي فنڪار فقير آچر فقير علي نواز نانگو وچن سنڌي لوڪ فنڪارا سپنال گل ۽ رخسار حيدري ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏهن ته سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار او يار ۽ سنڌي جمالو ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو جڏهن ته آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفه پيش ڪيا ويا ثقافتي مچ ڪچهري ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن شهرين واپارين ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙن شرڪت ڪئي










