برطانيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي عام استعمال جي منظوري

لنڊن(ويب ديسڪ) برطانيا وسيع پيماني تي عوامي سطح تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين استعمال ڪرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد عوامي سطح تي برطانيه ويڪسين استعمال ڪندڙ  دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. برطانيو جي ريگوليٽري اٿارٽي ايندڙ هفتي کان دوا ساز ڪمپني فائزر ۽ بائيو اين ٽيڪ جي تيار ڪيل ويڪسين ترجيحي بنياد تي سخت بيمار مانهن تي استعمال جي منظوري ڏني آهي. سندن چون آهي ته هي ويڪسين 95 سيڪڙو موثر آهي. برطانيه 4 ڪروڙ ويڪسين جو آرڊر ڏنو آهي ۽ 2 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين ڏني ويندي هر ماڻهو کي ڏينهن ۾ 2 ڊوز ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو