احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جو ڪورونا ٽيسٽ عملي تي حملو

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو احساس ڪفالت پروگرام هاء اسڪول سينٽر تي پيسا وصول ڪرڻ لاءِ آيل عورتن ڪورونا ٽيسٽ ڪندڙ  عملي مٿان سروٽن ۽لٺين سان حملو  ڪيو .ڪرونا ٽيسٽ وڍينڙ عملي جي گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ڪورونا ٽيسٽ ڪندڙ عملي گاڏي  ڀڄائي جان بچائي احساس ڪفالت جي ايجنٽن ۽ بينڪ عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو اتي  موجود عورتن ۾ تاء پکڙيل هو ان  سڀ عملو فرار ٿي ويو. اتي موجود عورتن جو چوڻ ھو ته ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ اسان ليڊيز کي پئسن بهاني گهرائي ڪرونا ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي اگر ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻي هئي ته ڪنهن هنڌ ڪرونا ٽيسٽ جي ڪيمپ لڳائي  وڃي ها انهن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان کي پئسا به نه ٿا ڏنا وڃن ۽ ڪرونا بهاني اسان کي پريشان ڪيو  پيو وڃي جنهن تي اسين حملو ڪيو سين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو