بِلين ٽِري منصوبي بابت سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي منصوبي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ ان جا سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ دريائن ۽ واهن تي  وڻ پوکڻ بابت هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت بلين ٽري منصوبي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ فوري طور تي سيڪريٽري موسمياتي تبديلي کي طلب ڪيوآهي.چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته معافي سان ، ڪي پي جي ٻيلي کاتي جو پورو عملو چور آهي ، نٿيا گلي ، مالم جبا ۽ مری سميت  ڪٿي به  وڻ نه آهن ، ڪي پي جو بلين ٽري سونامي ڪٿي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد انتظاميا کي تمام گهڻو فخر آهي اسلام آباد ۾ 5 لک ٻوٽا ڪٿي آهن بني گالا ۾ سڀ وڻ پوکيا ويا هوندا.عدالت ماحوليات جي سيڪريٽري ڪي پي کي به سرزنش ڪئي ۽ چيو ته توهان کي سڌو جيل موڪليو وڃي ، ناران ڪاغان ڪچرو ٿي ويو آهي ڍنڍ جي ارد گرد وڻ نه آهن نٿياگلي ۽ مري ۾ وڻ ڪٽجي رهيا آهن اسلام آباد کان  ڪراچي تائين دريائن جي ڪناري ڪو وڻ نه آهي.عدالت چيو ته منصوبي تي هينئر تائين ڪيترا فنڊ خرچ ڪيا ويا ۽ فنڊز خرچ ڪرڻ جو جواز پڻ رڪارڊ سان گڏ پيش ڪرڻ گهرجي ڪيترا وڻ ڪٿي رکيا ويا تصويرن سميت سڀئي تفصيل فراهم ڪريو.عدالت آبهوا جي تبديلي واري وزارت کان سيٽلائيٽ تصويرون به طلب ڪيون.سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي واهن  ۽ شاهراهن جي چوڌاري وڻ پوکڻ جو حڪم ڏنو. عدالت سنڌ حڪومت پاران رپورٽ جي عدم وصولي تي ڪاوڙ جو اظهارڪندي  سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو