سجل علي هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي خوبرو ۽ مشهور اداڪاره سجل علي هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، اداڪاره کي اهڙو اعزاز دبئي ۾ مليو. ڊسٽنڪٽف انٽرنيشنل عرب فيسٽيول ايوارڊ جي چوٿين ايڊيشن جي تقريب دبئي ۾ ٿي، سموري دنيا مان نالي وارين شخصيتن شرڪت ڪئي، ان ۾ پاڪستاني اداڪاره سجل علي به شامل هئي. پاڪستاني اداڪاره سجل علي کي فلم ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترين ئي خدمتن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ايوارڊ سان نوزايو ويو. ايوارڊ وٺڻ کانپوءِ سجل علي جو چوڻ هو ته هتي هجڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، خاص ڪري ايڏين وڏين شخصيتن جي هوندي منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي سجل علي ايوارڊ سان تصوير پوسٽ ڪندي چيو ته هي ايوارڊ منهنجي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، بحيثيت اداڪاره نه پر پاڪستاني جي طور تي.

پهنجو تبصرو موڪليو