حڪومت جي پسپائي، ملتان ۾ ميدان سجي ويو، جلسو شروع

حڪومت جي پسپائي، ملتان ۾ ميدان سجي ويو، جلسو شروع

ملتان(خصوصي رپورٽ) پابندين جي باوجود پي ڊي ايم جي جلسي لاءِ هزارين ماڻهو ملتان جي چوڪ گهنٽا گهر تي پهچي ويوا، پوليس سان جهيڙي جي خطري سبب عين وقت تي آءِ جي پوليس رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته عوامي سيلاب ڪاهي پيو، رڪاوٽون ٽوڙيندا ماڻهو اڳتي وڌيا پوليس وارن سک جو ساهه کنيو. مولانا فضل الرحمان سڀني کان اڳ قافلي جي صورت ۾ پهتو، مريم نواز وڏي جلوس سان گڏ گهنٽا گهر چوڪ پهتي، پيپلز پارٽي وارڻ دير ڪئي ته مولانا ۽ محمود خان ڪنٽينر تي چڙهي ويهي رهيا. جنهن بعد پي پي وارن جي سائونڊ سيسٽم وارو ڪنٽينر پهتو ته يوسف رضا گيلاني مولانا کي اپيل ڪئي ته اچو صدارت ڪريو. جنهن بعد مولانا اسٽيج واري پي پي ڪنٽينر تي آيو. ڪجهه دير بعد مريم به پهچي وئي. پوليس پاران ڪارڪنن جي گرفتاري، جلسي گاهه کي اکاڙڻ کي اپوزيشن وارن حڪومتي غنڊا گردي قرار ڏيندي هر حال ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ملتان جي مختلف علائقن م پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون جاري آهن. جلسي ۾ شرڪت لاءِ مريم نواز جاتي امرا مان ملتان رواني ٿي وئي جڏهن ته آصفه ڀٽو ڪراچي کان خصوصي جهاز ۾ ملتان پهچي چڪي آهي. يوسف رضا گيلاني فيملي سميت سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. مولانا فضل الرحمان، سيد يوسف رضا گيلاني، قمرالزمان ڪائره، راڻا ثناءُ الله، عبدالغفور حيدري ۽ ٻيا ليڊر ملتان پهچي چڪا آهن. يوسف رضا گيلاني جي گهر تي ميلو متل آهي، جتي سڀ گڏجڻ بعد جلسي لاءِ روانا ٿيندا. مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن ڏنڊا بردار فورس ڪارڪنن کي روڪي ته اوهان به ڏنڊا کڻي نڪرو. هن چيو ته پي ڊي ايم جو جلسو روڪڻ وارن کي عوامي سيلاب لوڙهي ڇڏيندو. يوسف رضا گيلاني جي چئني پٽن سميت 400 کان مٿي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. 30 کان مٿي ڪارڪن گرفتار آهن، علي قاسم گيلاني کي ايم پي او هيٺ هڪ مهيني لاءِ جيل موڪليو ويو آهي. ملتان ۾ قاسم باغ اسٽيڊيم جي چئني پاسن کان ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو آهي. ملتان طرف مختلف شهرن کان ايندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن، سنڌ پنجاب بارڊر تي به چيڪنگ سخت آهي، ماڻهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيا پيا وڃن. ڪيترا مريض پريشان آهن. ملتان شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارڪن گڏجڻ شروع ٿي ويا آهن. وڏي تعداد ۾ پوليس آس پاس جي ضلعن مان به طلب ڪئي وئي آهي، لٺ برادر، ڳوڙها گيس ۽ واٽر ڪينن سان پوليس جا جٿا به تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو