ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا سبب ڀيڻ بختياور جي مڱڻي واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو. بختاور ڀٽو جي مڱڻي واري تقريب سڀاڻي بلاول هائوس ۾ ٿيندي پر ڪورونا وبا سبب بلاول هائوس ۾ تقريب جون سرگرميون محدود ٿي ويون آهن، ڇو ته بلاول ڀٽو ڪورونا سبب ڀيڻ جي مڱڻي واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو ۽ هو گهر جي مخصوص حصي ۾ قرنطينه ۾ آهي. ٻئي طرف اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ مڱڻي جي تقريب ۾ ڪجه دير لاءِ شرڪت ڪندوجڏهن ته بلاول هائوس جي اسٽاف جي ٽن ميمبرن جي به ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي. ذريعن موجب مڱڻي جي تقريب ۾ صرف مخصوص ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ ٻنهي خاندان جا ماڻهو شريڪ ٿيندا.
