عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽن جو اعلان ، پي ٽي آءِ جون 22 سيٽون

گلگت بلتستان(ويب ڊيسڪ)قانون ساز اسيمبلي جي سرڪاري نتيجن کان پوء ٽيڪنوڪريٽس ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن بابت  نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويوآهي.چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز خان ٽيڪنوڪريٽس لاءِ 3 ۽ عورتن جي 6 مخصوص سيٽن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ٽيڪنوڪريٽس جي 3 سيٽن مان  ٻه سيٽون پاڪستان تحريڪ کي مليون جڏهن ته هڪ سيٽ پيپلز پارٽي کي ملي .نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ جا اڪبر علي ۽ فضل رحيم ۽ پيپلزپارٽي جا غلام شهزاد ٽيڪنوڪريٽ چونڊجي ويا.نوٽيفڪيشن موجب عورتن جي 6 مخصوص سيٽن مان 4 پي ٽي آءِ کٽي ورتيون جڏهن ته هڪ مخصوص سيٽ پي پي پي ۽ هڪ مسلم ليگ ن کي ملي آهي پي ٽي آءِ جي ڪنيز فاطمه ، ثريا ثنا ، دلشاد بانو ۽ ڪلثوم الياس عورتن جي چئن مخصوص سيٽن لاءِ چونڊجي ويون آهن.گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلي جي سرڪاري نتيجن مطابق پي ٽي آءِ 10 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته 6 ڪامياب آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا.عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي لاءِ سيٽن جي ورهاست کانپوءِ ، پي ٽي آءِ 33 ميمبرن واري اسيمبلي ۾ 22 سيٽون حاصل ڪيون آهن ۽ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو