فشريز جو عالمي ڏينهن، سنڌ جي مهاڻن کي حق ڏيو

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي )فشريز جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ جيان ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري مھاڻن جي تنظيمن سنڌ ملاح فورم ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ابراھيم حيدري ۾ ڄاموٽ جيٽي ۽ مله جيٽي تي ڌار ڌار جلسا ڪيا ويا ۽ مطالبو ڪيو ويو ته مڇي ماريندڙ مھاڻن، سمنڊ، سنڌو دريا ۽ ڍنڍن جي ماحوليات ۽ مڇي جي ذخيرن کي تحفظ ڏئي مھاڻن جي روزگار کي پائيدار بنايو وڃي. سامونڊي ٻيٽن کي وڪرو ڪري شھر آباد ڪرڻ بدران انھن کي مھاڻن جي ملڪيت قرار ڏئي مھاڻن لاء سکيا مرڪز قائم ڪيا وڃن ان سلسلي ۾ پھريون جلسو سنڌ ملاح فورم طرفان مله جيٽي تي ٿيو جنھن کي سائين رکيو ميراڻي، سهيل ڄاموٽ ذولفقار ميراڻي امجد ملاح خدا ڏنو شاه ۽ ٻين خطاب ڪيو اڳواڻن جو چوڻ ھو ته دنيا ۾ ماھيگيري جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي جتي سمنڊ  درياھن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جي جديد طريقين کي متعارف ڪرائي مڇي ماريندڙ مھاڻن کي عزت اھميت ۽ سھولتون ڏنيون پيون وڃن پر پاڪستان ۾ مھاڻن کي ڪا به سھولت حاصل ناھي نه ئي سماج ۾ کين گھربل مقام حاصل آھي سمنڊ ۾ ماحوليتاتي آلودگي سبب مڇي ڪنارن تي مري رھي آھي يا اونھي سمنڊ ۾ ھلي وئي آھي تمر جا ٻيلا وڍي جھينگي جي پالنا سان گڏ سامونڊي شھرن توڙي ڳوٺن کي غير محفوظ بنايو پيو وڃي ھنن چيو ته مھاڻن جي آبادين ۾ تعليم صحت سميت ڪي به بنيادي سھولتون نه ڏنيون ويون آھن جڏھن ته لالچي ۽ مفاد پرست ڪاورباري ماڻھو وڏيون لانچون ۽ ھوڙا ٺاھي ڊيپ سي ٽرالر آڻي سمنڊ مان حد کان وڌيڪ مڇي ماري سمنڊ کي ٻوھارو ڦيرائي رھيا آھن حڪومت کي مھاڻن کي ڀت سان لڳائڻ بدران سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ گھرجن ان موقع تي نامياري فنڪار ڪاميڊين علي گل ملاح خاڪا پيش ڪيا ٻي طرف ڄاموٽ جيٽي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان جلسو ڪيو ويو جنھن ۾ مھاڻن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي جلسي ۾ گيت ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن محمد علي شاھ، گل حسن ڪلمتي فاطمه مجيد عثمان بلوچ خالق جوڻيجو بخشل ٿلهو ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ مجيد موٽاڻي جان عالم ڄاموٽ ۽ ٻين خطاب ڪندي سامونڊي ٻيٽن کي مھاڻن حوالي ڪرڻ ۽ اتي شھر آباد نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن ڪارونجهر جبل ڪوئلي گيس جي مالڪي جي گهر ڪئي ان موقع تي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو ڌريا ۽ ڊيلٽا ۾ گهربل پاڻي جو ڇوڙ ڪري زراعت ماحوليات ۽ مهاڻن جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ياد رهي ته هي چوٿون عالمي فشريز جو ڏينهن ملهايو ويو. دنيا ۾ هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد فشريز سان لاڳاپيل ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ، سمنڊ ۾ ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ، ايڪو سسٽم بهتر ڪرڻ ۽ مڇي جي حد کان وڌيڪ شڪار تي پابندي هڻڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو