خادم حسين رضوي جي جنازي نمازادا هزارين ماڻهون شريڪ

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٽي ايل پي جي سربراهه علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز مينار پاڪستان  گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي. علامه خادم حسين رضوي ڪجهه ڏينهن اڳ بخار ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ خميس جي رات لاڏاڻو ڪري ويو هو. کيس طبيعت خراب ٿيڻ تي شيخ زيد اسپتال آندو ويو پر اسپتال انتظاميه موجب هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو ان جي بيماري بابت ڪابه اهڙي ڳالهه سامهون  ناهي آئي. علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز مينار پاڪستان  گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي ان جي جنازي نماز ۾ ٽي ايل پي جي ڪارڪنن ۽ عقيدتمندن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٽي ايل پي سربراهه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز سندس پٽ علامه سعد حسين رضوي پڙهائي. علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز جي لاءِ شهرين کي چرپر ۾ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا. ملتان روڊ تي اسڪيم موٽ کان يتيم خاني چوڪ ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ بند ۽ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته ٽريفڪ جي لاءِ درائيور به مقرر ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو