مشهور ٽڪ ٽاڪر جو گرفتاري بعد ٿاڻي ۾ هنگامو

پيرجو ڳوٺ(ن سنڌيار)مشهور ٽڪ ٽاڪر ماروي خلجي گهريلو جهيڙي سبب گهر ۾ پيل سامان کي باهه ڏئي ڇڏي ، والد جي فرياد تي ماروي خلجي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ليڊيز پوليس کانسواءِ گرفتاري تي ٽڪ ٽاڪر ٿاڻي ۾ هنگامو ڪري مرد پوليس اهلڪارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو. سندس والد عبدالعزيز خلجي ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان اختلاف سبب هن لکين روپين جي سامان کي باهه ڏئي ساري ڇڏيو آهي. پوليس پاران صحافين کي ٿاڻي تي ڪوريج کان روڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو