سنڌ جي ٻيٽن، ڍنڍن ڍورن تي قبضن خلاف احتجاج

بدين ( رپورٽ مرتضي ميمڻ) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي جبري قبضي جي خلاف ۽ ٻيٽن تي مقامي ماھيگيرن جي خود مختياري لاءِ فشر فوڪ فورم طرفان سوين ماھيگيرن عورتن مردن ڊي سي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ھن موقعي تي اڳواڻن محمد عمر ملاح محمد حسن ملاح قاسم ٻچو بختاور ملاح بشير ٿيٻو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تان فوري طور تي قبضا ختم ڪري مقامي ماھيگيرن کي ٻيٽن تي آزادي سان روزي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ جاري ڪيل آرڊيننس فورن ختم ڪيو وڃي ۽ مٺن پاڻين خاص ڪري بدين جي ڍنڍن ڍورن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن جتي بااثر ماڻھن ماھيگيرن کي بي دخل ڪري پاڻ  قبضا ڪري ماڻھو ويھاري ڇڏيا آھن ھنن چيو ته فشريز کاتي طرفان واھن ۽ سم نالن ۾ آر ڊي تحت رڇ ھڻڻ جو جاري ڪيل ليٽر غير قانوني آھي ان سان ماھيگيرن جو وڏو نقصان ٿيندو ان کي فورن ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت م 21 نومبر ماھيگير عالمي ڏھاڙي کان پوء فشريز کاتي جي زيادتين خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .

پهنجو تبصرو موڪليو