امريڪي اليڪشن، اميدوارن جي حامين ۾ جهيڙا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڏينهن رهجي ويو، ٻنهي اميدوارن پاران ريلين دوران هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد، صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن کي ڊمي قرار ڏيندي چيو آهي ته بائيڊن ايميگرينٽس جي انگ ۾ 7 سئو سيڪڙو واڌارو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، بائيڊن شام، صوماليه ۽ يمن کان پناهگير امريڪا وٺي ايندو، جوبائيڊن چيو آهي ته امريڪي قوم چونڊن ۾ ناڪام صدر جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏيندي.هن هڪ ڏينهن اڳ صدر ٽرمپ کي روسي صدر جو ڪتو قرار ڏنو هو. ٻنهي جي حامين ۾ مختلف شهرن ۾ جهيڙا به جام ٿي رهيا آهين ۽ هڪٻئي کي ڪُٽڪا ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو