حڪومتي نااهلي،ملڪ کي 440 ارب جو نقصان ٿيو، خواجا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي غلط معاشي پاليسين سبب ملڪي خزاني کي 440 ارب روپين جو نقصان پهتو آهي. اربع تي قومي اسمبلي ۾ خطاب دوران هن چيو ته حڪومتي نا اهلي جي سزا طور اها رقم مهانگائي جي صورت ۾ پاڪستاني عوام ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 30 کان 35 هزار ماهوار پگهار واري ماڻهو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ جي پيداوار ۾ خود ڪفيل آهي پر حڪومت اڳ ۾ ايڪسپورٽ ڪري ٻئي شيون مهانگي اگهه تي پرڏيهه مان گهرايون. هن چيو ته حڪومت ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس ۾ 200 روپيا في مڻ تي واڌ ڪئي آهي جيڪا قبول ناهي گهٽ ۾ گهٽ 1600 روپين بدران 2000 روپيا في مڻ قيمت هجن گهرجي. ان سان پنهنجي هارين کي 40 ارب روپيا ڏئي اسين پيداوار وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته هي نااهل حڪومت پنهنجي دوستن ۽ اي ٽي ايمز کي نوازڻ لاءِ عوام لاءِ آزار بڻجي وئي آهي. اسين حڪومت جي نا اهلي ۽ غلط پاليسي سبب واڪ آئوٽ ٿا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو