خيرپور جي ٻيلن جي زمين جي سروي ۽ حد بندي شروع

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته ضلعي ۾ ٻيلن جي سروي توڙي حدبندي ڪرڻ لاءِ فرض ادا ڪندڙ ٻيلي کاتي توڙي سروي ٽيم کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن ٻيلا بحال ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ٻيلي کاتي جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد ﷲ لغاري ۽ ڊائريڪٽر سروي آف پاڪستان اسد علي سان گڏجاڻي ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق ٻيلي کاتي جي زمينن جي حدبندي ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ٽيم کي ضلعي انتظاميه پاران مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن بااثرن کان ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي ٻيلن کي بحال ڪري سگهجي، هن ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪندڙ ماڻهن کي تنبيهه ڪندي چيو ته هو پاڻمرادو زمينن تان قبضا ختم ڪري زمين ٻيلي کاتي حوالي ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت آپريشن ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو پنهجي پنهنجي تعلقي ۾ 28 آڪٽوبر کان ٻيلن جي حدبندي جو ڪم شروع ڪندڙ سروي ٽيم سان ڀرپور تعاون ڪن. ان کان اڳ ٻيلي کاتي جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد ﷲ لغاري ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ توڙي سنڌ هائي ڪورٽ بينچ سکر جي حڪمن تحت خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن سوڀوديرو، سڳيون جي ڪچي واري علائقي، ڪنگري، گمبٽ، خيرپور ۽ نارا تعلقي جي ٻيلن جي سروي ڪري حدبندي ڪرڻ لاءِ 28 آڪٽوبر 2020 کان سروي آف پاڪستان اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ٽيم پاران ڪم شروع ڪيو ويندو ته جيئن ٻيلن کي قبضي کان بچائي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو