جهاز جي تباهي جو ذميوار پي آءِ اي آهي، رپورٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ اي ٽي آر جهاز سانحي جو ذميوار پي آءِ اي کي قرار ڏئي ڇڏيو، سول ايويئيشن اٿارٽي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شروعاتي جاچ رپورٽ پيش، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پائلٽ کي انتهائي مُنجهيل قسم جي فني خامي جو منهن ڏسڻو پيو، اي ٽي آر حادثو ٽربائين بليڊ ٽٽڻ سبب پيش آيو، ٽربائين جو بريڪ ٿيڻ پي آءِ اي جي مينٽيننس ۾ بي ضابطگين جو نتيجو آهي، سال 2016ع ۾ اي ٽي آر جهاز حادثي جي نتيجي ۾ جنيد جمشيد۽ ڊي سي چترال سميت 47 مسافر ۽ عملي جا ماڻهو فوت ٿيا هئا. فلائيٽ چترال کان اسلام آباد اچي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو