جاچ ڪندڙ ڪراچي واقعي جون حقيقتون لڪائن پيا، مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪراچي واقعي تي آرمي چيف کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ واري (بلاول جي) عمل تي اعتراض آهي، وزير اعظم جعلي ئي صحيح پر ڪرسي تي موجود ته آهي، کيس جاچ ڪرائڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪوئٽا روانگي کان اڳ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي واقعي جي جاچ ۾ حقيقتون لڪائڻ لاءِ صحافي علي عمران سيد کي کنڀي اتر وزيرستان جو سير ڪرائڻ وٺي ويا آهن، واقعي جي جاچ جو حق رڳو سنڌ حڪومت کي آهي، جن نوٽيس ورتو آهي، اهي حقيقتون لڪائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو