ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته مريم نواز سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي مان ان تي شرمنده آهيان. هوءُ اسانجي ڀيڻ ۽ مهمان هئي. مان پڇڻ چاهيان ٿو ته آءِ جي سنڌ جي گهر ۾ داخل ٿيندڙ اهي ٻه ڄڻا ڪير هئا، آءِ جي کي ڪيڏانهن وٺي ويا؟ مان ان جي مذمت ڪريان ٿو،هي ناقابل برداشت واقعو آهي، قومي ادارن جو ڪم ملڪي سلامتي آهي يا اهڙيون ڪاروايون ڪرڻ آهي. هر اداري جي قانوني حدن جو تعين ٿيل آهي هر ڪو پنهنجي دائري ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪري. مان آءِ جي، جي گهر ۾ گهڙي غيرقانوني قدم کڻڻ جي مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته هن واقعي ۾ ريڊ لائن ڪراس ڪئي وئي آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ۽ آرمي چيف نوٽيس وٺن ۽ جاچ ڪرائين. هن چيو ته سنڌ جي عوام ايترو مينڊيٽ منهنجي نانا کي مليو نه منهنجي امڙ کي مليو جيترو اسانکي مليو آهي. عمران حڪومت جو سنڌ پوليس سان رويو فرق وارو آهي. پنجاب م 6 آءِ جي بدلايا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت انڪوائري آرڊر ڪئي آهي انهن قومي ادارن کي به جاچ ڪرڻ گهرجي، هي ادارا پاڪستان جا آهن ڪنهن سياسي جماعت جا نه آهن. آءِ جي صاحب جي بيعزتي ٿي آهي اها اسانجي بي بيعزتي آهي اسين پوليس سان گڏ آهيون. پوليس وارن وڏي وزير جي ڪري نه پر ڪنهن ٻئي جي هٿان بيعزتي تي احتجاج طور موڪل جون درخواستون ۽ استعيفيٰ ڏنيون آهن. پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي قرباني ڏني آهي. پوليس جون پگهارون گهٽ آهن پوءِ به هو جان جي قرباني ڏين ٿا. اهو نه ٿيڻ گهرجي، ڇا مزار قائد تي نعرا هڻڻ ايڏو وڏو مسئلو هو جو 4 وڳي آءِ جي جي گهر ۾ وڃو. تنگ نظر غيرقانوني فيصلن سبب مسئلا ٿين ٿا. هن مطالبو ڪيو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي پنهنجي جاچ ڪرڻ گهرجي. ٻيٽن بابت آرڊيننس تي هن چيو ته رات جي انڌيري ۾ جاري ڪيل آرڊيننس واپس وٺو، ان سان وفاق ۽ صوبن ۾ ويڇا وڌندا.










