ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ۾ احتجاج جاري

ٺل(ن سنڌيار) سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي ٺل ۾ مختلف جماعتن جي اڳواڻن پاران جونگل موڙ کان پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾ مختلف جماعتن ايس ٽي پي،ايس يو پي،جسقم،قومي عوامي تحريڪ،جي يو آئي،مسلم ليگ فنگشنل ۽ ٻين پارٽيون گڏ هيون. پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي اڳواڻن عبدالرزاق سرواڻ، محبوب علي سومرو،جمال جوش، نفيس سومرو،اعجاز ڪنراڻي،وسيم قريشي،عرض بنگلاڻي،مير حسن ٻرڙو،علي حسن ۽ ٻين  چيو ته سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي حڪومت کي قابض ٿيڻ نه ڏبو،سنڌ جا ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن،ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ڀنڊار ٻيٽن تي ڳالهين جي ضرورت ناهي وفاق عمران حڪومت سنڌ جي آئيلينڊ ٻيٽن تان قبضو فوري طور تي هٽايو وڃي نه ٻي صورت ۾ سنڌين جو رک اسلام آباد هوندو ۽ سندس جو تخت اونڌو ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو