قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جو هنگامو، گو نيازي گو جا نعرا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جو هنگامو، گو نيازي گو نيازي جا نعرا هڻي پلي ڪارڊ لهرائي سخت احتجاج ڪيو. ان دوران وزيراعظم عمران خان به موجود هو، اپوزيشن نعريبازي شروع ڪئي ته مُڪ گيا تيرا شو نيازي گو نيازي گو نيازي جا نعرا هڻي ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. ان دوران حڪومتي بينچن تان اچي وزيراعظم جي چوگرد گهرو ڪري بيٺا ۽ نعرو هنيو ته گلي گلي ۾شور آ ته جواب حڪومت بدران اپوزيشن وارن ڏنو ته عمران خان چور آهي. جنهن بعد عمران خان ايوان مان هليو ويو ته اسپيڪر ڪاروائي 20 منٽن لاءِ ملتوي ڪئي. جنهن تي اپوزيشن وارن نعرا هنيا ته ڀڄي ويو ڀڄي ويو نيازي ڀڄي ويو. اڌ ڪلاڪ بعد بيهر اجلاس شروع ٿيو ته سيد نويد قمر چيو ته اوهان اپوزيشن کي بلڊوز ڪري ڪاروائي نٿا هلائي سگهو. جنهن بعد حڪومت ايجنڊا تي ڪاروائي هلائڻ شروع ڪئي ته اپوزيشن وارا ايوان مان کسڪي ويا ۽ قادري پٽيل ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻڦ بعد اسپيڪر چيو ته گهربل 86 ميمبر پورا آهن. ان بعد بابر اعواڻ چونڊ قانون م سڌارن جو بل پيش ڪيو جيڪو  اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليو ويو. اپوزيشن وارن جي نعريبازي جاري رهي ان دوران حڪومت ايجنڊا پوري ڪري اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو