ڊاڪٽر ماها جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا

سنڌڙي (ن سنڌيار) گرهوڙ شريف ۾ عدالتي حڪم تي سخت سيڪورٽي ۾ ڊاڪٽر ماها شاهه جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽمارٽم لاءِ جزا ورتا ويا. پوليس قبرستان کي گهيري ۾ آڻي صحافين سميت ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه ڏني. جوڊيشل مئجسٽريٽ جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه محمد علي قريشي ميت جا جزا ورتا. ڊاڪٽر قريشي صحافين کي ٻڌايو ته جزا ورتا ويا آهن ۽ 10 کان 15 ڏينهن ۾ ان جي رزلٽ اچڻ بعد رپورٽ پوليس حوالي ڪئي ويندي جيئن عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي. ياد رهي ته گرهوڙ شريف جي گادي نشين آصف شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر ماها شاهه 18 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ۾ خودڪشي ڪئي هئي. ڊاڪٽرن لکيو هو ته گولي کاٻي پاسي لڳي ساڄي پاسي کان نڪتي هئي جڏهن ته والد جو چوڻ هو ته گولي ساڄي پاسي کان لڳي کاٻي کان نڪتي هئي. ٻيو اهم نقطو اهو هو ته ماها شاهه منشيات استعمال ڪئي هئي يا نه. ڇو ته سندس والد پوليس کي ٻڌايو هو ته جنيد خان، ڊاڪٽر عرفان قريشي ۽ ٻيا خانداني ڇوڪرين ڦاسائي نشي تي لڳائي کين بليڪ ميل ڪن ٿا ۽ اها هڪ وڏي گينگ آهي. جنهن بعد عدالت قبر ڪشائي ڪري ٻيهر پوسٽمارٽم جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو