پاڪستان اِسٽينٽ تيار ڪري ورتو، وزيراعظم پاران افتتاح

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي يعني نسٽ دل جون بند رڳون کولڻ لاءِ اِسٽينٽ  Stentتيار ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ ان جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن جديد ليب جو دورو به ڪيو. پاڪستان دنيا ۾ 18هون ملڪ بڻجي ويو آهي جيڪي اِسٽينٽ تيار  ڪن ٿا. ترڪي کانپوءِ پاڪستان اسلامي دنيا جو ٻيو ملڪ آهي جنهن اِسٽينٽ تيار ڪيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ مقامي طور اسٽينٽ تيار ٿيڻ سان ان جي قيمت گهٽ ٿيندي ۽ دل جي مريضن لاءِ سٺي خبر آهي.

NUST , Photo screen shot

هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 40 سيڪڙو دل جا مريض فوت ٿين ٿا. رٿا بندي واري وزير اسد عمر ٻڌايو ته دنيا ۾ 400 ارب ڊالر جو طبي آلات جو مارڪيٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان به شامل ٿي ويو آهي ۽ هر سال 8 ارب روپين برابر قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. نسٽ جا سائنسدان ٻن سالن کان هن منصوبي تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ گذريل سال اسٽينٽ تيار ڪرڻ جو لائسنس حاصل ڪيو هو. 2017 ۾ لاهور ۾ ناقص اسٽينٽ تيار ڪرڻ جي خبرن جو تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار نوٽيس به ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو