پاڪستان يو اين ايڇ آر سي جو ميمبر چونڊجي ويو

نيو يارڪ(ويب ديسڪ)گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جو پاڪستان ميمبر چونڊجي ويو آهي. 193 مان 169 ووٽ حاصل ڪيا. ايشيا پيسفڪ جي 4 سيٽن لاءِ 5 اميدوار هئا جن مان پاڪستان سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. يو اين ايڇ آر سي، جو پاڪستان 2018 کان ميمبر آهي ۽ هاڻوڪي چونڊ بعد پاڪستان پهرين جنوري 2021 کان 3 سالن لاءِ ٻيهر ميمبر چونڊجي ويو آهي. 2006 کان وٺي پاڪستان پنجون ڀيرو ميمبر چونڊيو آهي. پاڪستاني مشن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي چونڊ انساني حقن بابت عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد جو اظهار آهي.ياد رهي ته انساني حقن جي ڪائونسل جي هيڊ آفيس جنيوا ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو